زينت شيخ

زينت شيخ

زينت شيخ

زينت شيخ: مشهور لوڪ فنڪاره زينت شيخ 1940ع ۾ ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو نالو محمد صالح شيخ آهي. هن ڳائڻ جو سلسلو 10 سالن جي عمر کان شروع ڪيو. پنهنجين فنڪاراڻين صلاحيتن ذريعي نه رڳو لوڪ موسيقيءَ ۾ پر اداڪاريءَ ذريعي به بهترين فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو. هن پي. ٽي. وي تان نشر ٿيل مشهور ڊرامي ’راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ‘ ۾ رابيل جو ڪردار ادا ڪري خوب نالو ڪمايو. زينت شيخ سنڌي ٽيلي فلم ’گهاتو گهر نه آيا‘ ۾ مائي ڪولاچيءَ جو يادگار ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته نور الهديٰ شاهه جي ڊرامي ’جنگل‘ ۾ به هن بهترين اداڪاري ڪئي. هن ريڊيو تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جي ڳايل لوڪ گيت ’منهنجا رئن ٿا نيڻ نماڻا، اباڻا مارو نه ٿا وسرن‘ کي تمام گهڻي مقبوليت ملي، ان سميت سندس ٻيا به ڪافي لوڪ گيت مشهور ٿيا. سندس ڪيترائي آڊيو ۽ وڊيو البم رڪارڊ ٿيل آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي اوارڊ ملي چڪا آهن.
ڪجهه عرصو اڳ فالج جي حملي سبب هيءَ بيماري جي بستري تي رهي 4 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪري وئي، کيس تاريخي قبرستان مڪليءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. زينت شيخ کي اولاد ۾ هڪ نياڻي بيگو ۽ هڪ پٽ نور محمد عرف بابو شيخ آهي.


لفظ زينت شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو